لاڙڪاڻي جي يونين ڪميٽي 19 ۽ 20 الھ آباد پاڙي جي رهواسين سيپڪو عملدارن جي مبينا زيادتين خلاف ايئرپورٽ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي علائقي واسين ايڊووڪيٽ راشد شيخ، محمد نواز تنيو، محمد هارون هليو، محمد باقر جلباڻي، سيد امير علي شاهه، اياز شيخ ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته اهڙي قهر جهڙي گرمي ۾ سيپڪو عملي اسان سان ظلم ڪيو آهي، جڏهن ته 24 ڪلاڪن مان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جي نالي تي بجلي بند ڪري صرف 4 ڪلاڪ بجلي ڏني ٿي وڃي، جنهن سبب اسان سخت مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ تي مجبور آهيون، بجلي جا ڳرا بل ادا ڪرڻ باوجود به اسان سان اهڙو حشر ڪيو ٿو وڃي. هنن چيو ته اهڙيون شڪايتون سيپڪو عملدارن سان بار بار ڪرڻ باوجود ڪو تدارڪ نٿو ڪيو وڃي. هن وقت گرمي شروع ٿيندي ئي اهڙو ناحق ڪيو ٿو وڃي ته اڳتي الائي ڇا ٿيندو. هنن سيپڪو عملدارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي يوسي 19 ۽ 20 الھ آباد پاڙي مان لوڊشيڊنگ ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close