سنڌ

روهڙي ڀرسان نوجوان ڇوڪري گوليون هڻي قتل،لاش رکي ڌرڻو

روهڙي ڀرسان پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربند جوابدار گهر ۾ داخل ٿي نوجوان ڇوڪري پوجا اوڏ کي پاڻ سان گڏ هلڻ لا چيو ته ڇوڪري جي انڪار تي جوابدار کيس گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو. اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي لاش تعلقي اسپتال روهڙي آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن روهڙي ڀرسان نيشنل ها وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. انصاف جي خاطري کانپو احتجاج ختم ڪيو ويو. ان ڏس ۾ مقتولا جي پيءُ صاحب اوڏ چيو ته هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي منهنجي ڌيءَ کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي. سفاڪ قاتل اسان جي هولي جي خوشين کي ماتم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button