روهڙي کان ڪوٽڙي ويندڙ موهن جو دڙو ايڪسپريس ٽرين جي ڊرائيور ظفر علي جي طبيعت لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن تي اوچتي خراب ٿي وئي، جنهن جو اين آءِ سي وي ڊي مان طبي معائنو ڪرائي کيس نيورو مان طبي امداد ڏني وئي. ان حوالي سان لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن جي انتظاميه صحافين کي ٻڌايو ته موهن جو دڙو ايڪسپريس ٽرين جيئن لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن تي پهتي ته اتي ڊرائيور ظفر علي جي طبيعت خراب ٿي جنهن کي شروعاتي طور اين آءِ سي وي ڊي اسپتال منتقل ڪري طبي معائني بعد کيس نيورو وارڊ منتقل ڪري طبي امداد ڏياري وئي آهي. ٻئي طرف ڪلاڪ بعد ڊرائيور جي طبيعت بهتر ٿيڻ تي ٽرين منزل ڏانهن رواني ٿي وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close