سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ادبي سنگت طرفان سنڌو سڀيتا جو ڏڻ ملهايو ويو

سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز پاران 22 مارچ کي سنڌو سڀيتا جو ڏڻ طور ملهائڻ جي سلسلي سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي لاڙڪاڻو پاران سنڌو سڀيتا ڏڻ ملهائيندي ڪيڪ ڪاٽي واڌايون ڏنيون ويون. تقريب ۾ ستار هليو، عزيز قاسماڻي، دودو ديشي، رياض ميراڻي، حسن مجتبيٰ، محرم جوڻيجو، بلاول ڀٽو سميت اديبن ۽ وڪيل شرڪت ڪئي، جن سنڌو تهذيب تي روشني وجهندي چيو ته سنڌو تهذيب تهذيبن جي ماءُ آهي ۽ انڊس ويلي ئي انسانيت کي شعور ۽ سائنس ڏني. هنن چيو ته زنده قومون پنهنجي ورثي جي مالڪي ڪنديون آهن، سنڌ ۾ سنڌي عوام ته سنڌو سڀيتا سان محبت ڪري ٿو پر سرڪار سڳوري سنڌو سڀيتا جي مالڪي نٿي ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button