سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پورهيت کي پسٽل جي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جو الزام

لاڙڪاڻي وليد ٿاڻي جي پوليس مبينا پسٽل رکڻ جي ڏوهه ۾ پورهيت نوجوان کي گرفتار ڪرڻ بعد مٿس ڪيس داخل ڪرڻ بعد لاڙڪاڻو سينٽرل جيل حوالي ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ گرفتار نوجوان شفيق احمد گاڏهي احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته وليد ٿاڻي جو اهلڪار عمران ڌامراهه روز اچي منهنجي گئريج تي ويهندو هو، جنهن 3 ڏينهن اڳ دڪان تي پسٽل رکڻ بعد ٻين اهلڪارن کي دڪان تي موڪليو، جن دڪان جي تلاشي وٺڻ بعد مونکي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪيو آهي. هن چيو ته وليد ٿاڻي جي ايس ايڇ او مشتاق احمد جتوئي ۽ پوليس اهلڪار اورنگزيب جتوئي ڳري رشوت طلب ڪئي، جيڪا نه ڏيڻ تان هنن پسٽل رکڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن گرفتار نوجوان جي وارثن سندس آزادي لاءِ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي خليل احمد گاڏهي، عمران گاڏهي ۽ ٻين چيو ته وليد پوليس بيگناهه نوجوان شفيق گاڏهي کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي ظلم ڪيو آهي. جڏهن ته رشوت نه ڏيڻ تان پوليس نوجوان مٿان ڪيس داخل ڪري جيل اماڻيو آهي. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button