سنڌ

مدئجي ۾ پوليس موبائيل جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل نينگر جي وارثن جو احتجاج

مدئجي ويجهو ڳوٺ ٻانڌي جوڻيجو ۾ ٽي ڏينهن اڳ پوليس چڙهائي دوران پوليس اهلڪارن پاران موٽر سائيڪل کي موبائيل جو ٽڪر هڻڻ دوران فوت ٿيل هڪ ورهين جي معصوم نينگر فرحان عرف رياض پٽ اياز جوڻيجو جي وارثن پي ايازجوڻيجو، اربيلو جوڻيجو، دلدار جوڻيجو ۽ ٻين پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته اسان جي نينگر جي مارجڻ بعد اسان لاش سميت ٽي شاخي اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو، جتي ڊي ايس پي مدئجي مرتضى ميراڻي انصاف جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺڻ بعد واقعي جي جاچ لا ٽيم مقرر ڪئي آهي. هنن جاچ ٽيم تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته جاچ ٽيم ۾ شامل ڊي ايس پي سٽي شڪارپور مدئجي ٿاڻي تي پهچي انڪوائري ڪرڻ بنا پوليس جو موقف وٺي ويو آهي، جنهن دوران پوليس غلط بياني ڪئي آهي. هنن جو چوڻ هو ته موٽرسائيڪل کي اهلڪارن پوليس موبائيل جو ٽڪر هنيو، جنهن دوران اسان جو معصوم نينگر فوت ٿيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوتي نينگر فرحان عرف رياض جوڻيجو جي قتل جو ڪيس ايس ايڇ او مدئجي طالب ميمڻ ۽ ٻين اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. هنن چتا ڏيندي چيو ته انصاف نه مليوته ڊي آ جي، ايس ايس پي شڪارپور آڏو احتجاج ڪرڻ سان گڏ ڪورٽ سڳوري جو دروازو کڙڪائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button