سنڌ

ڳڙهي حسن ويجهو پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

ڳڙهي حسن جي رهواسين سهڻو ڌوئو، محمد يوسف ڌوئو، ذاڪر ڌوئو، حاجل خاتون، رضيه خاتون، حضوران خاتون، سويرا، ثمينا خاتون ٻئي ڏينهن به قرآن پاڪ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيدي چيو ته اسان جو جيڪب آباد ۾ هڪ جريب پلاٽ تي الهڏنو ڌوئو قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اسان مسڪين آهيون، اسان جي قرآن پاڪ جي صدقي مدد ڪئي وڃي. پلاٽ اسان جو آهي ۽ اسان پلاٽ تي وڃو ٿا ته هٿيارن جي زور تي الهڏنو ڌوئو موت مار ڌمڪيون ٿو ڏي. هنن چيف جسٽس، وزيراعظم، آرمي چيف، وڏي وزير، آ جي سنڌ، ڊي آ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ۽ ڊي سي جيڪب آباد کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button