صالح پٽ لڳ باهه لڳڻ سبب ٽن پورهيتن جا ڪکاوان گهر سڙي ويا، باهه ۾ هڪ ٻارڙي سڙي فوت ٿي وئي. خبر موجب صالح پٽ لڳ اصغر آباد جي رهواسي پورهيتن جي گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ علي حسن شنباڻي، شوڪت شنباڻي ۽ جپاني بلوچ جا 3 ڪکاوان گهر سڙي ويا، باهه سبب گهرن ۾ پيل سامان کٽون، هنڌ، اناج، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، جڏهن ته هڪ گهر ۾ ستل معصوم ٻارڙي 3 سالن جي نازيه ڌي شوڪت شنباڻي سڙي فوت ٿي وئي. واقعي بعد گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. متاثرين شوڪت شنباڻي ۽ ٻين دانهيو ته اسان ڪڻڪ جي لاباري تي ويل هئاسين ته پويان باهه لڳي وئي. اسان اهڙو اطلاع ٽائون ڪميٽي صالح پٽ کي ڏنو پر فائر برگيڊ سڀ ڪجهه سڙي وڃڻ کانپو پهتي. متاثرين وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان بي يارو مدد کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون. واهر ڪئي وڃي ته جيئن ٻيهر اجها اڏي سگهون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close