سنڌ

انصاف لاءِ 5 سالن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان:ام رباب

سنڌ هاءِ ڪورٽ بيچ لاڙڪاڻي ۾ ميهڙ واقعي جي حاضري ام رباب چانڊيو پنهنجي ٽن گهر ڀاتين ڏاڏي، والد ۽ چاچي جي قتل سان انصاف لا پيش ٿي، جتي جوابدار عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪارروائي 11 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جنهن بعد ام رباب چانڊيو ڳالهائيندي چيو آهي ته انصاف لاءِ 5 سالن کان وٺي عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان پر اميد آهي ته مونکي انصاف هتان ئي ملندو، هن چيو ته ڪيس ۾ جوابدار 2 ڀائر پيپلزپارٽي جا ايم پي ايز آهن. اسان جيڪي جدوجهد ڪئي آهي ان جو اسان کي ڦل ملي رهيو آهي، اسان جيڪي ڪورٽ جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيو، اهو عدليا تي هڪ سواليا نشان آهي، ماڻهو هتي انصاف لاءِ اچن ٿا اسان ٻي ڪا ڊمانڊ ناهي ڪئي، اسان جي جانين کي اڄ به خطرو آهي، جوابدار ڌر هاڻي به ماڻهو وٺي گهمن ٿا. اسان هٿيارن جي ڇانو ۾ گهمون ٿا هي آسان ناهي، هر انسان کي هتي آزاد جيئڻ جو حق آهي، اسان جي زندگي آزاد ناهي. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button