سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پورهيت جو پٽ جي مبينا قتل خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي وليد ٿاڻي جي حد يوسف آباد جي امير شاهه پاڙي ۾ ڪجھه ڏينهن اڳ مبينا بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل نوجوان رياض چانڊيو جي وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪندي انصاف لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن پورهيت قاسم چانڊيو گهرواري وزيران خاتون، ڀيڻ مائي مٺي ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي چيو ته پاڙي جي رهواسي قربان کرل ۽ سندس ساٿين منهنجي پٽ رياض چانڊيو کي قتل ڪرڻ بعد بجلي جي ڪرنٽ جو ڊرامو رچائيندي سندس لاش مسجد ۾ اڇلائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ جو پٽ جي ڳچي ۾ پاتل چاندي جو هار ۽ ڪنگڻ قربان کرل جي گهر جي ڀت مان مليو آهي، جنهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته هن کي قتل ڪيو ويو آهي. اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ مان حد جي وليد ٿاڻي تي ويس پر پوليس منهنجو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button