سنڌ

قمبر ۾ لائبريري جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر شهر ۾ لائبريري جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف شاگردن ۽ شهرين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شاگردن ڪامران چنا، نجف علي چانڊيو، ڪميل سومرو، آڪاش مگسي، محمد سليم چانڊيو دانهيندي چيو ته مسلسل 5 سالن کان پبلڪ لائبريري جو ڪم رولڙي جو شڪار آهي، لائبريري جو ٺيڪيدار غائب گم ٿي ويو آهي، قمبر ۾ لائبرري نه هجڻ ڪري شاگردن جي تعليم تمام متاثر ٿئي ٿي. هنن وزير تعليم کان مطالبو ڪيو ته جلد لائبريري جو ڪم مڪمل ڪرائي شاگردن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button