سنڌ

سلطان ڪوٽ ويجهو پوليس جي ڳوٺن تي چڙهائي، 8 گهرن کي باهيون

سلطان ڪوٽ سب ڊويزن جي ٿاڻن ميان صاحب، جھان واھه، سلطان ڪوٽ، ھمايون شريف ۽ لوڊرا جي مختلف ڳوٺن جي روڊ تي ڦر جون وارداتون وڌڻ سبب سلطان ڪوٽ سب ڊويزن جي ڊي ايس پي احمد علي هاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ پنج ٿاڻن جي پوليس معرفاڻي برادري جي اڪبر معرفاڻي، دليجان معرفاڻي جي ڳوٺن تي چڙهايون ڪيون پر ڪو جوابدار گرفتار نه ٿيو، جنھن بعد پوليس اڪبر معرفاڻي، دليجان معرفاڻي سميت ٻين ڏوھارين جي گھرن جي ٻاھران پيل پلال جي ديرن ۽ اوطاقن کي باھيون ڏيئي واپس موٽي آئي. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي سلطان ڪوٽ پوليس ٻڌايو ته روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ لا جھان واهه ٿاڻي جي حد ۾ معرفاڻي برادري جي گھرن تي چڙھائي ڪئي پر ڪو جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي ڏوھارين جي 8 گھرن کي باھيون ڏيئي ساڙيو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button