سنڌ

صحافي زاهد ڄامڙو جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرا

گمبٽ جي صحافي زاهد ڄامڙو کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾ صحافين مظاهرا ڪيا. ان ڏس ۾ خيرپور، دادو، پڊعيدن، ميرپوربٺورو، ميرپورخاص، تنگواڻي، دوداپور، سڪرنڊ، صالح پٽ ۽ ٻين شهرن ۾ صحافين احتجاج ڪيو. ان موقعي تي صحافين چيو ته سينئر صحافي زاهد ڄامڙو تي ٻٻرلو پوليس منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، خيرپور پوليس صحافي زاهد ڄامڙو کي حق سچ لکڻ جي عيوض ڪوڙو ۽ جڙتو ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن جي مذمت ڪجي ٿي. ھنن مطالبو ڪيو ته صحافي زاهد ڄامڙو کي آزاد ڪري داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي. ھوڏانھن ٻٻرلوءِ پوليس صحافي زاهد ڄامڙو کي خيرپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي پوليس ٽن ڏينهن جي رمانڊ لاءِ عدالت کي استدعا ڪئي پر عدالت کيس جيل موڪلي ڇڏيو، عدالت ٻاهران زاهد ڄامڙو اخبار وارن کي ٻڌايو ته مونکي لاڙڪاڻي مان 5 وڳي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيس ۾ چار وڳي منهنجي گرفتاري ڏيکاري وئي آهي. ھن چيو ته مونکي سي آ اي پوليس گرفتار ڪيو، جتي سخت تشدد ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ٻٻرلوءِ پوليس حوالي ڪري منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button