سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد جي سزا

لاڙڪاڻي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج احمد لقمان ميمڻ جي عدالت ۾ چار سال اڳ شهدادڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل سالار مستوئي واري ڪيس جي شنوائي ٿي، جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدار آصف پٽ ارباب عرف باقر مستوئي کي عمر قيد ۽ 5 لک ڏنڊ سميت ساڳي ئي ڪيس ۾ غيرقانوني هٿيار رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 5 سال قيد ۽ 10 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ساڳي ئي ڪيس ۾ ٽي جوابدار صدر عرف سجاد مستوئي، نياز ۽ سڪندر مستوئي روپوش آهن. هوڏانهن سزا بعد جوابدار کي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button