سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ وارهه واسي پورهيت جو زال ۽ ڌي سميت احتجاج

وارهه جي مٺا ڪالوني واسي پورهيت غلام شبير ٽوٽاڻي پنهنجي گهرواري نظيران خاتون، ڌيءَ سيما خاتون ۽ ٻين سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو ته 26 مارچ جي رات بااثرن عبدالله خاصخيلي، محمد حيات ۽ عبدالهادي خاصخيلي ٻن نامعلوم ماڻهن سان گڏجي گهر ۾ گهڙي 18 ورهين جي ڌيءَ سيما زال شمن شيدي کي زوري اغوا ڪري نصيرآباد جي هڪ گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو. اهڙي ايف آءِ آر وارهه ٿاڻي تي بااثرن خلاف داخل ڪرائي، پوليس ٽن جوابدارن عبدالله، غلام الله ۽ عبدالهادي خاصخيلي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ۽ اڄ صبح منهنجي نياڻي سيما فون ڪري ٻڌايو ته هوءَ جوابدارن جي قيد مان وجهه وٺي لاڙڪاڻي جي شيخ زيد موڙ وٽ پهتي آهي، جنهن تي اسان شيخ زيد موڙ وٽ وڃي کيس وٺي آياسين اهڙي معاملي بعد ڌيءَ جي اغوا ۾ ملوث جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جن مان جان جو خطرو آهي. هن چيو ته سال اڳ مان پنهنجي نياڻي سيما جو نڪاح شمن شيدي سان ڪرايو هو، جڏهن ته ڄاڻايل جوابدار عبدالهادي خاصخيلي زوري نياڻي سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن لاءِ هن پنهنجي مائٽن سان گڏجي نياڻي کي اغوا ڪرايو. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته ڌيءَ جي اغوا ۾ ملوث بااثرن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button