سنڌ

سلطان ڪوٽ ۾ ٽرانسپورٽ يونين پاران احتجاجي مظاهرو

بلوچستان جي ٽرانسپورٽرن کي غيرقانوني روٽ پرمٽ ڏيڻ خلاف ٽرانسپورٽ يونين جي اڳواڻن با پاس تي احتجاجي ڌرڻو هنيو. ضلعي جيڪب آباد ۾ ٽرانسپورٽ يونين جي سڏ تي سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ با پاس زيرو پوائنٽ جي مقام تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي مير فهد خان جکراڻي، مير ياسين خان جکراڻي، مير نثار خان جکراڻي، مير شوڪت خان پنهور، صوفي منصب شيخ، شھريار جکراڻي، عطا محمد جکراڻي، راحب جکراڻي، شوڪت ڀنگوار ۽ ٻين چيو ته بلوچستان ٽرانسپورٽ مافيا جعلي روٽ پرمٽ استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن اٿارٽي انهن کي روٽ پرمٽ ڏنا انهن اسانکي اعتماد ۾ نه ورتو نه اسان سان ڪا مشاورت ڪئي نه ئي اسان کي ان معاملي جي خبر آهي. ڌرڻي دوران ايس ايس پي جيڪب آباد پاران هڪ ٽيم موڪلي وئي جنهن ڌرڻي جي اڳواڻن سان اڌ ڪلاڪ ڳالھيون ڪيون ۽ مسئلي کي حل ڪرائڻ جي يقين ڌياني ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻي کي ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button