سنڌ

ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جا سيمپل سنڌ کان ٻاهر سرڪاري ليبارٽري ڏانهن اماڻيا ويا

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل جي ڪمري مان ڦاهو لڳل مئل حالت ۾ مليل ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي سواب سيمپل حاصل ڪري سنڌ کان ٻاهر جي سرڪاري ليبارٽري اماڻيا ويا. خبر موجب لاڙڪاڻي پوليس ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جا چانڊڪا ليبارٽري ۾ محفوظ ڪيل سواب سيمپل سنڌ کان ٻاهر سرڪاري فارينزڪ ليبارٽري اماڻي ڇڏيا. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز شيخ پاران ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ لاڙڪاڻي کي هڪ خط لکي ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جا محفوظ ڪيل سواب سيمپل حاصل ڪري جاچ ٽيم حوالي ڪيا. نئين ڊي اين اي رپورٽ اچڻ بعد ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ جڊيشنل انڪوائري رپورٽ به جاري ڪئي ويندي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي پاران لمس ليبارٽري ڄامشورو جي جاري ڪيل ڊي اين اي رپورٽ مٿان اعتراض واري ٻي ڪنهن سٺي ليبارٽري مان ٻيهر ڊي اين اي رپورٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button