سنڌ

نواب شاهه ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل

نواب شاهه لڳ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو. خبر موجب رات دير سان نواب شاهه جي علائقي تاج ڪالوني جو رهواسي 65 سالن جو رستم گوپانگ موٽرسائيڪل تي ڳوٺ قاضي امير علي وٽان گذري رهيو ھو ته اڻڄاتل ھٿياربندن مٿس پسٽلن جا فائر ڪري ڏنا ته گوليون لڳڻ سبب مرڻينگ ٿي پيو، جنهن کانپو هٿياربند فرار ٿي ويا. ان دوران هن وارثن کي فون ڪري اطلاع ڏنو. ٻي طرف تعلقي ٿاڻي جي پوليس پهچي زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پي ايم سي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمن جا سور نه سھندي هن دم ڏئي ڇڏيو. پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. تعلقي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته رستم گوپانگ جو ڪرمنل رڪارڊ آھي. واقعي جي حقيقت معلوم نه ٿي سگهي آهي ته ڪھڙي معاملي تان قتل ٿيو آهي. جاچ ڪيون پيا. ٻي طرف مقتول رستم گوپانگ جي ڀا ٻڍل گوپانگ ۽ ٻين پوليس کي چتاءُ ڏنو ته اسان جي بيگناهه قتل ڪيل رستم گوپانگ جا قاتل ظاهر ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button