سنڌ

ڪوٽ لالو مان گرفتار ڪري قتل ڪيل پيرسن جي وارثن جو مظاهرو

ڪوٽ لالو شهر مان گرفتار ڪري قتل ڪيل ڪبير مل ڀيل جي وارثن کڏهر ٿاڻي جي جمعدار عبدالرزاق رند خلاف نواب شاهه پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مقتول ڪبير مل ڀيل جي پٽ ڌرمو مل، رميش ڪمار، ڀائرن مصري، لڇمڻ، گلاب، موھن، چندو مل، مصري مل ڀيل، رميش ڪمار راٺوڙ، سڪندر مل باگڙي، رانجھڻ مل اوڏ، ھرچند مل اوڏ ۽ ٻين چيو ته اسان ڌرتي ماتا جي سپوتن کي اقليت بڻائي ڌرتي تنگ ڪئي وئي آھي. ڪڏھن اسان جون نياڻيون زبردستي اغوا ڪري مذھب مٽايا وڃن ٿا ته ڪڏھن لڄالٽ ڪري بيرحمي سان قتل ڪيو وڃي ٿو. ھنن چيو ته ھفتو اڳ ڪوٽ لالو شھر مان پيرسن ھاري ڪبير مل ڀيل کي کڏھر ٿاڻي جي بدنام زمانه جمعدار عبدالرزاق رند 4 اڻڄاتل ھٿياربندن سان خانگي الٽوڪار ۾ غير قانوني زبردستي کنڀيو، اسان ھاءِ گھوڙا ڪئي. ڪوٽ لالو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي. ھاڻي عبدالرزاق رند پاڻ به گم ٿي ويو آھي، 2ڏينھن اڳ ايڌي ٽنڊو آدم کي ڪبير مل ڀيل جو ٻانھون ۽ پير ٻڌل لاش روھڙي ڪينال مان مليو. انھن لاش لاوارث ڄاڻائي دفن ڪرائي ڇڏيو. سندس لاش جا فوٽو ۽ مقتول جي واچ، آئينو، گھر جي چاٻي، ڪنگڻ، لائيٽر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا ته اسان سُڃاڻپ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button