سنڌ

اوٻاوڙو جي ڪچي ۾ خوني تڪرار،فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو

اوٻاوڙو جي ڪچي واري علائقي رانوتي ٿاڻي جي حد ۾ ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار ٻيهر شروع ٿي ويو. ڪچي جي ڳوٺ قابل شر ويجهو ڌرين ۾ جهيڙي سبب فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان عمران شر پٽ جيئل شر موقعي تي قتل ٿي ويو، جنهن جو لاش هڪ ڪلاڪ تائين واقعي واري هنڌ تي پيل رهيو. بروقت اهڙي اطلاع باوجود رانوتي پوليس دير سان پھچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر نيو ويو ته ڪهرام مچي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي. ياد رهي ته قبيلائي خوني جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين جا 13 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button