قاضي احمد جي رهواسي تشدد کان تنگ ٻن ڀينرن ڌي سميت سڪرنڊ ڀرسان روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. هڪ عورت فوت ٿي وئي. خبر موجب سڪرنڊ ڀرسان پنهل خان چانڊيو ٿاڻي جي حد بحريا ٽائون ڀرسان روهڙي ڪئنال ۾ قاضي احمد جي ڳوٺ محمد خان زرداري جي رهواسڻ 35 سالن جي ستڀرائي زال جمعو زرداري، 33 سالن جي گلناز زال محمد رمضان، 13 سالن جي الهبچائي ڌي جمعو زرداري ٽپو ڏئي اجتماعي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن کين ڏسي گلنار ۽ الهبچائي کي بيهوشي حالت ۾ ٻاهر ڪڍي ورتو، جڏهن ته عورت ستڀرائي زال جمعو زرداري فوت ٿي وئي، کين ٻاهر ڪڍي تعلقي اسپتال سڪرنڊ نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن بيهوش ٿيلن کي هوش ۾ آندو. ان موقعي تي پوليس اهلڪارن ٻڌايو ته عورتن جو چوڻ آهي ته اسان قاضي احمد جون رهواسي آهيون، اسان تي گهر ۾ بلاوجواز تشدد ۽ مارڪٽ ڪئي وڃي ٿي، جنهن ڪري هڪ ڏينهن اڳ گهر وارن کان ڪاوڙجي نڪتاسين ۽ خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. اسان هاڻ گهر واپس نه وينديونسين. اسان کي مائٽن مان جان جو خطرو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close