سنڌ

ڪنڌرا ۾ رڪشا ڊرائيور گوليون هڻي قتل،لاش رکي ڌرڻو

روھڙي مان ڪرائي تي رڪشا ڊرائيور نوجوان شھزادو جتوئي کي ڪنڌرا ڀرسان ڳوٺ ابيلو ۾ وٺي وڃي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي اطلاع باوجود پوليس بروقت نه پهتي، جنهن کانپو وارثن مقتول جو لاش روھڙي ڀرسان نيشنل ھاءِ وي تي رکي ڌرڻو ھنيو. جتي وڏي انگ ۾ شھري شامل ٿي ويا. مقتول جي وارثن چيو ته اسان جو گوليون لڳل نوجوان پاڻ زخمي حالت ۾ رڪشا هلائي اسپتال پهتو پر پوليس ۽ اسپتال انتظاميا جي لاپرواهي ۽ سنگين نااھلي سبب نوجوان زندگي جي جنگ هارائي ويو. ڪنڌرا پوليس بروقت پھچي زخمي کي کڻائي اسپتال پهچائي ھا ۽ اسپتال انتظاميا بروقت سندس صحيح علاج ڪري ھا ته زندگي بچي وڃي ھا پر پوليس ۽ اسپتال انتظاميا لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو، جنهن ڪري ھو حياتي وڃائي ويٺو. احتجاج دوران ڊي ايس پي روهڙي حضور بخش سولنگي ۽ ايس ايڇ او ياسر کوسو پهچي ڳالهيون ڪري قاتلن جي گرفتاري، پوليس ۽ اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي جي خاطري ڪرائي تي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button