قاضي احمد ڀرسان نواب شاہه لنڪ روڊ تي جوڻا موري اسٽاپ وٽ تيز رفتار وين جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا اعجاز ڀٽي ۽ حبيب الله زرداري موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته چار ڄڻا نديم کوسو، محمد خان چنا، رمضان ڪنبوه ۽ وين ڊرائيور اقبال نول سخت زخمي ٿي پيا. فوتين جا لاش ۽ زخمين کي قاضي احمد تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب وين نوابشاهه کان مورو وڃي رهي ته جوڻا موري اسٽاپ تي موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، حادثي سبب موٽر سائيڪل سوار 2 ڄڻا حبيب الله زرداري ۽ اعجاز ڀٽي موقعي تي فوت ٿي ويا. وين ڊرائيور اقبال نول سميت چار ڄڻا نديم کوسو رمضان ڪنبوه ۽ محمد خان چنا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور قاضي احمد تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. موٽر سائيڪل ۽ وين کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close