خيیرپور جي شاھه حسين ٿاڻي جي حد ڀاڻو ڳوٺ مان 13 سالن جو نينگر شوڪت علي پٽ وحيد ڦلپوٽو کي اغوا بعد گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، جنهن جو لاش ڳوٺ ٻاهران ڪڻڪ جي فصل مان هٿ آيو. اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نينگر جي وارثن چيو ته شوڪت رات کان گھر نه آيو هو، صبح جو ڪڻڪ جي فصل مان سندس گوليون لڳل لاش مليو. هوڏانهن شاهه حسين ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته لاش سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، نينگر کي 5 گوليون لڳل آهن، اسان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو ۽ نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close