سنڌ

راڻيپور ۾ مقتول جي زال سميت 3 ڄڻن کي عمر قيد جي سزا

راڻيپور ٿاڻي جي حد ۾ 7 سال اڳ قتل ٿيل پپو عرف فياض ڪلهوڙو جي قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ايڊيشنل سيشن جج گمبٽ جي عدالت مقتول جي زال شڪيلان خاتون لاشاري، راجا لاشاري ۽ حاتم علي شيخ کي عمر قيد ۽ هڪ هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائيندي جيل موڪلي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ فريادي رياض حسين ڪلهوڙي ٻڌايو ته راڻيپور ٿاڻي جي حد ۾ سال 2015ع ۾ منهنجي ڀاءُ پپو عرف فياض ڪلهوڙو کي سندس زال شڪيلان خاتون لاشاري، سندس ڀاءُ راجا لاشاري ۽ ان جي دوست حاتم علي شيخ قتل ڪيو هو، جنهن جو راڻيپور ٿاڻي تي گناهه نمبر 128/2015 قلم 302 تحت ڪيس داخل ڪرايو هو. ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت نامزد جوابدارن کي عمر قيد ۽ هڪ هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏئي سينٽر جيل خيرپور اماڻيو آهي. فريادي موجب عدالت مان انصاف مليو آهي، جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ملڻ تي ڀاءُ جي خون سان انصاف ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button