ميھڙ: ميهڙ ۾ قومپرست اڳواڻ ۽ صحافي ڪامريڊ انور کوکر پنهنجي امڙ سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته بااثر جوابدار منهنجي جڳهه تي قبضو ڪري ويٺا آهن، پر عدالتي حڪم باوجود پوليس جوابدارن خلاف قدم نه پئي کڻي. ھن چيو ته جوابدار شاهنواز ملاح، ارشاد جوڳرو ۽ ٻين هٿيار ساڻ ڪري گذريل شام منهنجي گهر تي حملو ڪيو پر اسان جي غيرموجودگي ۾ جوابدار ڌمڪيون ڏيندا هليا ويا، جوابدارن خلاف ٻيهر عدالت ۾ ويندس، ايس ايس پي دادو پاران انصاف ۽ قبضو ختم ڪرائڻ جو يقين ڏيارڻ باوجود ايس ايڇ او اي سيڪشن جوابدارن خلاف ڪارروائي نه پيو ڪري. هن گهر ڪئي ته جوابدارن خلاف قدم کڻي گهر تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close