سنڌ

ڏهرڪي ۾ مبينا اغوا ڪيل ڇوڪري جي بازيابي لا احتجاج

ڏهرڪي ۾ مال پڙي روڊ تان هٿياربندن هٿان مبينا اغوا ٿيل 15 سالن جي ڇوڪري فرزانه ڌي رميش ڪمار اوڏ کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي، جنهن جي خلاف اوڏ برادري جي ماڻهن ۽ سندس وارثن احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڇوڪري جي پي رميش اوڏ، خانچند، مور ۽ ٻين دانهيو ته 3 ڏينهن اڳ نامعلوم هٿياربند گهر ۾ گهڙي اسان جي 15 سالن جي نياڻي فرزانا کي زبردستي اغوا ڪري ويا، جنهن کانپو بروقت پوليس کي اطلاع ڏنو پر ڏهرڪي پوليس نياڻي کي بازياب ڪرائڻ بدران رڳو آسرا ڏئي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي نياڻي کي بازياب ڪرائي کيس تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button