سنڌ

منهڙو ڀرسان پورهيتن جي چئن گهرن کي باهه،سمورو سامان سڙي رک

منھڙو ڀرسان پٻجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام قادر رانجھاڻي ۾ چئن پورھيتن محمد رمضان رانجھاڻي، الھجڙيو رانجھاڻي، سڪندر علي رانجھاڻي ۽ وحيد علي رانجھاڻي جي گھرن کي چلھه مان چڻنگ اٿڻ ڪري باهه لڳي وئي، جنھن سبب گھرن ۾ پيل سمورو ھنڌ، کٽون، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. واقعي بعد پوليس پھچي باهه واقعي جا تفصيل ورتا. باهه متاثرن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته باهه لڳڻ جو بر وقت فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڏنو پر فائر برگيڊ عملو نه پھتو، جنھن ڪري اسان جي گھرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي. لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي. ھنن ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button