سنڌ

اوٻاوڙو ڀرسان گم ٿيل 2 ڇوڪرن جي اغوا جي تصديق،وارثن جو ڌرڻو

اوٻاوڙو لڳ رانوتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ پٺاڻ خان رند مان 3 ڏينهن کان گم 15 سالن جي محمد لقمان رند ۽ 10 سال جي اصغر علي رند جي وارثن اغوا جي تصديق ڪري ڇڏي. ٻارن جي اغوا خلاف وارثن ۽ ڳوٺاڻن غلام رسول رند، فدا حسين رند، قطب رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رانوتي روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏيئي ايس ايڇ او غلام عباس سندراڻي خلاف مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته ٽن ڏينهن کان رانوتي ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي رهيا آھيون.

ايس ايڇ او غلام عباس سندراڻي رپورٽ وٺڻ کان به انڪاري آھي. اغوا جون وارداتون معمول بڻيل آھن. رانوتي پوليس ڏوهارين سان ٻٽ ٻڻيل آھي. هنن آ جي سنڌ ۽ ڊي آ جي سکر کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته اسان جا 2 نينگر ڏوهارين کان واپس ڪرائي ڏنا وڃن. مٿان عيد آهي، اسان جون عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن. مغوي بازياب نه ٿيا ته عيد ڏينهن ايس ايس پي ھائوس گهوٽڪي آڏو احتجاج ڪري ڪارو ڏينهن ملھائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button