سنڌ

پير وسڻ ڀرسان پنجن پورهيتن جي گهرن کي باهه،سامان سڙي رک

پير وسڻ ڀرسان ڳوٺ صاحب خان جلالاڻي ۾ نظير شر، صوبدار شر ۽ علينواز شر سميت پنجن ڄڻن جي گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهر اندر پيل اناج ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. باهه لڳڻ جو اطلاع ملڻ باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو. ڳوٺاڻن ٻن ڪلاڪن جي ڪوششن سان پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ڪنٽرول ڪيو. متاثر ڳوٺاڻا الھه تلھه سڙڻ بعد کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. متاثر ڳوٺاڻن حڪومت ۽ سرندي وارن کي مدد جي اپيل ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button