سنڌ

خانپور مهر ۾ گرفتار جوابدار جي پلاند ۾ اغوا ڪيل 2 نوجوان بازياب

خانپورمهر پوليس مبينا ڏوهاري الياس پتافي کي گرفتار ڪرڻ واري معاملي تان خانپورمهر ويجهو امل جو دڙو وٽان اغوا ٿيل ٻن نوجوانن امتياز علي مهر ۽ ممتاز علي مهر کي راڄوڻي ڪوششون ڪري بازياب ڪرائي ورتو. ان ڏس ۾ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب راڄوڻي ڪوششن بعد بازياب ڪرايل ٻنهي نوجوانن کي هڪ بااثر شخص پنهنجي گاڏي ۾ کڻي خانپورمهر پهتو، جتان کين وارثن حوالي ڪيو ويو، بااثر ماڻهن جي راڄوڻي ڪوششن تحت پوليس سان ڪيل ڊيل مطابق خانپورمهر پوليس هٿان گرفتار ڪيل الياس پتافي کي آزاد ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب گرفتار الياس پتافي کي ايس ايس پي گهوٽڪي اظهر مغل ميرپورماٿيلو کڻائي ويو، جتان کيس چڱي مڙس جي بنگلي تي پهچايو ويو، جنهن کانپو ٻنهي مغوين جي بازيابي عمل ۾ آئي. ياد رهي تہ ٻنهي نوجوانن کي اغوا ڪندڙ الياس پتافي جي ڀاءُ اڪرم پتافي هڪ وڊيو پيغام رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي رکيو هو، جنهن ۾ هن پوليس جي زيادتين جو ذڪر ڪندي ٻنهي مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس وٽ گرفتار پنهنجي ڀاءُ الياس پتافي جي آزادي جو شرط رکيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button