سنڌ

ادارن تي الزام هڻڻ تحريڪ انصاف جي عادت ٿي وئي آهي: شرجيل انعام ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري پاران اليڪشن ڪميشن بابت بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف فارين فنڊنگ ڪيس ۾ پنهنجي خلاف ايندڙ فيصلي تي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر تي الزام هڻڻ مذمت جوڳو عمل آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي چونڊ جو ڪريڊٽ خود عمران خان وٺندو رهيو، پي ٽي آءِ قيادت ڄاڻي ٿي ته فارين فنڊنگ ڪيس ۾ هو ڦاسي چڪا آهن. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ جي ادارن تي الزام هڻڻ پي ٽي آءِ جي عادت بڻجي چڪي آهي. اسين پاڪ فوج، عدليه، اليڪشن ڪميشن ۽ سمورن ادارن سان گڏ آهيون. شرجيل انعام وڌيڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جا اڳواڻ ملڪ جي ادارن تي الزام هڻڻ کان پاسو ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button