سنڌ

بلڙي شاهه ڪريم ۾ هٿياربند ناري کي اغوا ڪري ويا، وارثن جو احتجاج

بلڙي شاھه ڪريم جي ڳوٺ ڌنـڍي جي رھواسين پيرسن الهھ بچايو ۽ مسمات سنگھار ملاح بلڙي شاھه ڪريم ۾ صحافين اڳيان روئيندي ٻڌايو تـ ڪل رات جوابدار محرم علي گلڻ، مـنون ماچي ۽ ٻين ھٿياربندن ھٿيار تاڻي زبردستي منھنجي شادي شدا نياڻي جميلا کي اغوا ڪري ويا آھن، ھنن اھو پڻ الزام ھنيو تـ ڪجھه ڏينھن اڳ ۾ انھن جوابدارن منھنجي نياڻي جميلا جي کير پياڪ اٺن مھينن جي نياڻي کي پڻ اغوا ڪري کنڀي ويا ھئا، ان کان پهرين به ڄاڻايل بااثر جوابدارن منھنجي نياڻي جميلا کي اغوا ڪيو هو، جنھن بعد سول ڪورٽ سڳوري اسان سان انصاف ڪيو ۽ ڪورٽ ۾ اسان جي نياڻي جي بيان بعد اسان کي واپس ملي. متاثرن ٻڌايو تـ جوابدار بااثر آھن ۽ اسين مسڪين ھارپو ڪندا آھيو، جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button