سنڌ

چانڊڪا اسپتال ۾ عمرڪوٽ واسي پورهيت فوت،وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ عمرڪوٽ واسي 50 ورهين جو پيرسن ستار ڀيل پيٽ جي تڪليف سبب فوت ٿي ويو، جنهن جي وارثن ڊاڪٽرن مٿان مبينا غفلت جو الزام لڳائيندي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي فوتي پيرسن جي ڀائيٽي ڀيمو ڀيل ٻڌايو ته اسان پنھنجي ٻارن سان گڏجي ڪجهه ڏينهن اڳ عمرڪوٽ کان لاباري جي پورهئي لاءِ موهن جو دڙو ويجهو ڳوٺ حاجي جواڻ ۾ رهائش اختيار ڪري لابارو ڪندا هئاسين، اڄ صبح جو لاباري دوران چاچي عبدالستار کي پيٽ ۾ سور ٿيو، جنهن کي اسان چانڊڪا اسپتال داخل ڪرايو. هن الزام لڳايو ته اسپتال داخل ڪرائڻ تي ڊاڪٽرن چاچي جو بهتر علاج نه ڪيو، ان لاءِ اسان ڊاڪٽرن کي ايلاز منٿون به ڪيون پر هنن اسان جي هڪ به نه ٻڌي جنهن ڪري چاچو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، بعد ۾ اسان لاش عمرڪوٽ کڻائڻ لاءِ ايمبولينس گهري جنهن تي اسان کي انڪار ڪري ڇڙٻون ڏنيون ويون جيڪا وڏي زيادتي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته غفلت جو مظاهرو ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري ايمبولينس ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button