سنڌ

ماتلي جي نوجوان جو نظرپور پوليس خلاف احتجاج

ماتلي جي غريب آباد پاڙي جو رھواسي سجاد نوتڪاڻي نظرپور پوليس کان تنگ ٿي پريس ڪلب پھچي ويو. هن چيو ته ٽنڊو غلام حيدر تعلقي جي نظر پور ۾ ھلندڙ منشيات ۽ پوليس انچارج جي سرپرستي واريون پوسٽون سوشل ميڊيا تي رکڻ بعد نظرپور پوليس پوسٽ جو انچارج يعقوب جکرو سندس جان جو دشمن بڻجي چڪو آھي، ھو مون کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ھاف فرا ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي. سجاد نوتڪاڻي ٻڌايو ته گذريل رات يعقوب جکرو پنهنجن سپاھين سان گڏجي بغير ليڊيز پوليس جي منهنجي غير موجودگي ۾ آڌي رات جو گهر ۾ داخل ٿي سامان جي ڀڃ ڊاهھ ڪئي، عورتن سان بدتميزي ڪندي ڌمڪيون ڏنيون، يعقوب جکري مان جاني ۽ مالي خطرو آھي، منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button