سنڌ

لاڙڪاڻي واسي پورهيت نوجوان جو فراڊ ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي واسي پورهيت نوجوان ذوالفقار علي قاضي کان فراڊي گينگ (بول نيوز لڪي ڊرا) جي نالي 10 لک ڪيش ۽ ڪورولا ڪار واري انعام جو آسرو ڏئي مبينا فراڊ ذريعي 62 هزار 5 سئو روپيا ڪڍي ويا. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي جي ڀينس ڪالوني جي رهواسي پورهيت نوجوان ذوالفقار علي (جوڻيجو) قاضي احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيو ته 19 اپريل تي فراڊي گينگ پاران واٽس ايپ تي هڪ ميسيج موڪليو ته لڪي ڊرا پاران اوهان جو 10 لک رپيا ڪيش ۽ ڪورولا ڪار انعام ۾ نڪتي آهي، جنھن لاءِ اوهان کي رجسٽريشن ۽ ٽيڪس في جي مد ۾ رقم ايزي پيسا ذريعي موڪلڻي پوندي. پورهيت نوجوان ٻڌايو فا هن انعام جي لالچ ۾ اچي ماڻھن کان اوڌر تي پئسا وٺي مرحليوار 5 هزار 5 سئو، 22 هزار ۽ 35 هزار فراڊي گينگ کي ايزي پئسا ڪري موڪليا. هن جو چوڻ هو ته فراڊي گينگ وڌيڪ 26 هزار جي گهر ڪري رهيا آهن. پورهيت نوجوان وڏي وزير، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو، سائبر ڪرائيم سيل ۽ ايف آ اي کان مطالبو ڪيو ته فراڊي گينگ کي گرفتار ڪري ڦٻايل 62 هزار واپس ڪرائي انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button