سنڌ

سنڌ اندر هارين ۽ پورهيتن سان ظلم ٿي رهيو آهي: ثمر حيدر

سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمد نواز انقلابي گولاڙچي پريس ڪلب تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اندر هارين ۽ پورهيتن سان ظلم ٿي رهيو آهي، پاڻي جي کوٽ سبب هاري تباهه ٿي رهيا آهن، بدين ضلعي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، ڀوتار ڪلچر سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پيپلز پارٽي سنڌ کي وڪڻڻ لا تيار آهي، تازو ايم ڪيو ايم، نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو معاهدو سنڌ کي ورهائڻ جي سازش آهي، اهڙي معاهدي رد ڪيون ٿا، پيپلز پارٽي جي بدترين حڪمراني جي ڪري ميهڙ ۾ انساني جانيون سڙي ويون، معصوم ٻار باهه ۾ سڙي رهيا هئا پر فائربرگيڊ نه هئي، پي ڊي ايم هجي يا پي ٽي آ سنڌ سندن ايجنڊا ۾ شامل ناهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ سان ناانصافي برداشت نه ڪنداسين، ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ سنڌ جا نوجوان وڏيرن، ڀوتارن، مير پير ۽ ملن جي رستا روڪ ڪري سنڌ دوستن کي ڪامياب ڪن ته جئين ملڪ اندر هلندڙ چند خاندانن جي بادشاهت کي ختم ڪري سگهجي. سنڌ هاري ڪميٽي پرامن جدوجهد جاري رکندي سنڌ خلاف ڪا به سازش برداشت نه ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button