سنڌ

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن غيرفعال هجڻ سبب حڪومت ويهجي وئي آهي،هفتي ۾ فعال ڪيو ويندو:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت اٽي، کنڊ ۽ گيهه جهڙين ضروري شين تي 462 ملين رپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي، جنهن لاءِ سنڌ جي 5 ڊويزنن ۾ 108 بچت مارڪيٽون قائم ڪيون ويون آهن. سبسڊي رمضان المبارڪ جي آخر تائين جاري رهندي ۽ ساڳئي وقت حڪومت مارڪيٽن ۾ اگهن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ قدم پڻ کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن غيرفعال هجڻ سبب حڪومت ويهجي وئي آهي،هفتي ۾ فعال ڪيو ويندو. هن چيو ته بيروزگاري به وڌي آهي،نه رڳو 16 هين گريڊ کان مٿي جي نوڪرين جو مسئلو آهي پر 5 کان 15 گريڊ واريون نوڪريون به عدالت ۾ ڦاٿل آهن. هن چيو ته اٽي، کنڊ ۽ گيهه تي 462 ملين رپين جي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، سنڌ جي 5 ڊويزنن ۾ 108 بچت مارڪيٽون قائم ڪيون ويون آهن. وڏي وزير چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار رپيا ڪئي آهي، خوشي آهي ته وزيراعظم به توثيق ڪري ڇڏي،ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ مسئلو حل ٿي ويو آهي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ بابت ايم ڊي ڪي اليڪٽرڪ سان ڳالهايو آهي، ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button