سنڌ

نوشهروفيروز مان کنڀي گم ڪيل 5 نوجوانن مان 2 ڀائر بازياب،وارثن جو مظاهرو

نوشهروفيروز مان کنڀي گم ڪيل 5 نوجوانن مان ٻن ڀائرن جي الڳ الڳ گرفتاري ظاهر ٿي آهي. امان الله لاشاري کي سکر سي ٽي ڊي ۽ ثنا الله لاشاري کي نوشهروفيروز سينٽرل جيل ۾ ظاهر ڪيو ويو. ٻئي طرف ضلعي ۾ گمشدگين جو سيشن جج محبوب عالي جواهري نوٽيس وٺي حد جي ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کان اڄ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي جڏهن ته نوشهروفيروز مان کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ وارثن، سول سوسائٽي ۽ ٻين پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اشرف علي لغاري، سردار علي ڀنگوار، يونس وسطڙو، مختيار بالادي، امام علي ڀنگوار ۽ ٻين چيو ته نوشهروفيروز جي نوجوان عزيز ڀنگوار ۽ شرجيل تڳر کي بلاجواز کنڀي گم ڪيو ويو آھي. نوجوان پنهنجي گهرن کان دڪان ۽ ٻئي ڪم ڪار سان وڃي رهيا هئا ته واٽ تي بيٺل سادا ڪپڙا پهريل نامعلوم ماڻھو کين کنڀي کڻي ويا، جنهن جو اطلاع پوليس کي ڏنوسين پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button