سنڌ

ورڪشاپ ۾ رهواسين جو ايس ايڇ او خلاف احتجاجي مظاهرو

ورڪشاپ ويجھو ھيڊجمڙائو ڀرسان ڳوٺ گلبھار وساڻ جي رهواسين ايس ايڇ او کنھواري منصور نظاماڻي خلاف عورتن ۽ معصوم ٻارن سميت نٽھڻ اس ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته ايس ايڇ او منصور نظاماڻي بلا جواز وردي جو ناجائز فائدو کڻندي اسان جي کاتي واري زمين ۽ گھرن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسان کي سنگين ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، اسان کي ھن مان خطرو آهي. مظاھرين اپيل ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ فراھم ڪيو وڃي. ٻئي طرف ايس ايڇ او منصور نظاماڻي ٻڌايو ته مون ڪو زمين وغيره تي قبضو ناهي ڪيو، بناجواز الزام ھڻي رھيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button