سنڌ

ٽنڊوآدم ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار شهيد، ٻيو زخمي

ٽنڊي آدم ۾ پوليس اھلڪارن پاران ڦورن کي روڪڻ تان ڦورن جي فائرنگ ۾ هڪ اھلڪار شھيد ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. ٽنڊوآدم جي 15 مددگار پوليس جا ٻه اھلڪار معمول جي گشت تي ھئا ته مبارڪ ڪالوني ڀرسان کنڊو روڊ تي اھلڪارن ٻٽ ٻڌل موٽرسائيڪل سوار ڦورن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي نه بيهڻ تي پيڇو ڪرڻ تي ڦورن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار امان الله خاصخيلي مٿي ۾ گولي ۾ لڳڻ ڪري مرڻينگ ٿي پيو جڏھن ته ٻيو اھلڪار ملڪ احتشام موٽرسائيڪل ڪرڻ سبب زخمي ٿي پيو، اھلڪارن کي طبي امداد لا تعلقه اسپتال آندو ويو، جتان امان الله خاصخيلي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. شھيد اهلڪار شھدادپور جو رهواسي هو ۽ 2016 ۾ پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيو. هوڏانهن ايس ايس پي سانگهڙ ڊاڪٽر فرخ لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي واقعي جي انڪوائري ڪرڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لا ڊي ايس پي ٽنڊوآدم اشتياق آرائين جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي ۽ ضلعي ۾ پوليس کي ها الرٽ ڪري ڇڏيو آھي. جاچ ڪميٽي واقعي واري هنڌ پهچي ڦورن پاران ڇڏيل موٽر سائيڪل کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، خبر فائيل ٿيڻ تائين ڪيس داخل نه ٿيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button