سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ٽن ڄڻن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو ڌرڻو

لاڙڪاڻي جي پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ مسو حٻ ۾ 3 هفتا اڳ پراڻي تڪرار تان ڏيٿا برادري جي ٻن ڌرين ۾ مبينا جهيڙي دوران گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ قتل ٿيل عورت سميت ٽن مقتولن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سندس وارث عورتن طرفان مقتولن جون تصويرون کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورتن مائي پٺاڻي ڏيٿو، زڪيه خاتون ڏيٿو، صوبيه ڏيٿو، شانل خاتون، مسمات حنيفان ڏيٿو، اسلام خاتون، راشده ڏيٿو ۽ ٻين دانهيندي الزام لڳايو ته اسان جو پنهنجي ذات جي وزير ڏيٿو وارن سان پراڻو زمين جو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تڪرار تان 3 اپريل تي مخالف ڌر جي 18 هٿياربندن گهرن مٿان حملو ڪري شديد فائرنگ ڪري غلام شبيران زال قربان ڏيٿو، جنسار ڏيٿو ۽ سرفراز ڏيٿو کي قتل ڪيو هو. واقعي جو ڪيس مائي پٺاڻي جي فرياد تي حد جي پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي تي جوابدار وزير ڏيٿو، وڪيل ڏيٿو، نواز، زبير، راشد ڏيٿو، سڄڻ، فهد ڏيٿو سميت 18 ڄڻن مٿان داخل ڪرايو،پوليس فقط ٻن ڄڻن عزم ڏيٿو ۽ زبير ڏيٿو کي گرفتار ڪيو آهي، مک جوابدارن کي پوليس هن وقت تائين گرفتار نه ڪري سگهي، جيڪي پنهنجي گهرن ۾ مورچا قائم ڪري ويٺل آهن. هنن چيو ته 9 سال اڳ زمين جي معاملي تان تڪرار شروع ٿيو، جنهن ۾ اڳ به اسان جا 3 ڄڻا مختلف واقعن ۾ ساڳين جوابدارن قتل ڪري ڇڏيا. جوابدار ڌر انتهائي بااثر آهي، جن اسان جي زمين ۽ گهرن تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، اسان درپدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button