سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ عورت جو ڦر ٿيل رقم ۽ زيور واپس نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي غريب آباد پاڙي جي رهواسين ڪجھه ڏينهن اڳ مبينا ڦر ڪيل رقم ۽ سونا زيور واپس نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورت خالده سومرو پنهنجي ما عزيزان خاتون سومرو ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي چيو ته 10 ڏينهن اڳ مان پنهنجي جڳھه جا مليل 5 لک ۽ سونا زيور کڻي ڳوٺ وڃڻ لاءِ گهران نڪري غريب آباد پاڙي واري مين روڊ تي بيٺل هيس ته ڪار سوار ٽن نامعلوم ماڻهن منهن تي نشي وارو رومال گهمائي بيهوش ڪرڻ بعد 5 لک ۽ سونا زيور ڦري ويا، هوش اچڻ کانپوءِ وليد ٿاڻي تي پهچي رپورٽ داخل ڪرائڻ سان گڏ ايس ايس پي کي دانهن ڏني پر پوليس هن وقت تائين رقم ۽ سونا زيور واپس ناهي ڪرائي سگهي ۽ نه ئي واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڦريل رقم ۽ سونا زيور واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button