سنڌ

ڪڪڙ ۾ پورهيت جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاج

ڪڪڙ ويجهو خيرپورناٿن شاهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ مراد ٻٻر جي مقتول غلام ياسين ٻٻر جي وارثن گهرواري حضوران ٻٻر، فرزانه ٻٻر، ارشاد خاتون، غلام شبير ٻٻر، جعفر ٻٻر، محمد مراد ٻٻر، مير عبدالستار ٻٻر، عمران ٻٻر ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته زمين جي معاملي تان غلام مصطفيٰ ٻٻر فائرنگ ڪري غلام ياسين موقعي کي قتل ڪيو هو، جنهن جو ڪيس غلام مصطفيٰ ٻٻر، رياض ٻٻر، قمرالدين ٻٻر، منٺار عرف مرچو ساريو، رياض ٻٻر، ذوالفقار ٻٻر، غلام الدين ٻٻر خلاف داخل ڪرايو، پوليس ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو پر مک جوابدار پوليس جي پڪڙ کان آجو بڻيل آھي. هنن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ڪيو ته مقتول غلام ياسين ٻٻر جي خون سان انصاف ڪندي مک جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button