سنڌ

”قبيلائي تڪرار ختم ڪرايو“ ڪنڌڪوٽ ۾ شهرين جو امن مارچ

ڪنڌ ڪوٽ ۾ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي جي سلسلي ۾ سٽي پارڪ کان امن مارچ ڪڍي پريس ڪلب تائين امن جا جھنڊا کڻي ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سٽي پارڪ کان شاندار ريلي وڪيل عبدالغني بجاراڻي، ظريت ساگر بجاراڻي، غلام مصطفي ميراڻي، اڪرم باجڪاڻي، مير فائق علي جکراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، سجاد بروھي، عبدالحفيظ بجاراڻي، بشير ميراڻي، مولوي جمال دين اوڳاھي، ابراھيم خاڪي، اصغر بجاراڻي، غلام رسول ملڪ، شاھنواز مرھٽو، راجا بابو عيساڻي، اصغر شيخ، اي ڪي اوڳاھي، قمر دين سھرياڻي، حاجي الطاف بنگوار، حسين بخش سومرو، وڪيل آفتاب چنا، اشفاق مري، رميش ڪمار ميگھواڙ، سرمد جاگيراڻي، سنتوش اگروال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ امن مارچ شھر جي روڊن رستن کان امن جو مطالبو ڪندي پريس ڪلب پھتا. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته امن ھر ڪنهن جي ضرورت ۽ مطالبو آهي. مسلسل 20 ڏينهن تائين گھنٽاگھر چوڪ تي احتجاجي ڪيمپ لڳائي جنهن ۾ ناسور بڻيل خوني تڪرارن جي خلاف آواز اٿاريو اڄوڪي امن مارچ ۾ ھٿان جي باشعور عوام فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي ته اسان امن پسند، امن سوچ رکندڙ قوم آھيون. اسان کي تڪرارن کان آزادي کپي ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل ترقي ڪري پنهنجي سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪري سگهي.ھي جدوجھد روڪبي نه عيد بعد به اڳ کان به وڌيڪ جذبي تحت احتجاج، امن ريليون، ڌرين ڏي ميڙ منٿ قافلو کڻي ميدان ۾ ھونداسين. اسان کي جتي جتي جنهن طبقي جي ضرورت ھوندي گڏ کڻي ھلنداسي،. جن سردارن امن پسند سوچ جو مظاهرو ڪيو انھي کان ساڳيو مطالبو آهي ته ڌرين ۾ ٺاهه ڪرايو، خون سان خون پاڙڻ بدران مقتول جي وارثن سان انصاف ڪيو قاتلن کي سزا جزا جو عمل شروع ڪيو. اسان سنڌ حڪومت، پوليس، عوامي نمائندن، سردارن کان مطالبو آهي خدارا جاڳو ۽ امن خاطر خوني تڪرارن کي ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button