سنڌ

ڪراچي يونيورسٽي ۾ آپگهاتي حملو،ٽن چينين سميت 4 مارجي ويا

ڪراچي يونيورسٽي اندر موجود هڪ وين تي ژآپگهاتي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽن پرڏيهي استادن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ، جڏهن ته ٻن رينجرز اهلڪارن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ڀرپاسي جي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا، جڏهن ته ڌماڪي بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي رينجرز ، پوليس، فائر برگيڊ عملو ۽ ٻيون امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ڪراچي يونيورسٽي جي ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ڀرسان ٿيو، جڏهن ته ڌماڪي سبب وين ۾ باهه لڳي وئي . اطلاع آهن ته گاڏي مسڪن چورنگي جي گيٽ مان ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخل ٿي، جنهن ۾ پرڏيهي استاد موجود هئا، آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽن چيني شهرين سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، جن ۾ 2 چيني عورت پروفيسرز به شامل آهن، جڏهن ته رينجرز اهلڪارن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. ايس پي گلشن جو چوڻ آهي ته متاثر ٿيل گاڏي تي بال بيرنگ جا نشان نظر آيا آهن، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي ٽيم واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري رهي آهي. بم ڊسپوزل اسڪواڊ موجب بم 3 کان 4 ڪلو وزني هو، جنهن ۾ بال بيرنگز جو استعمال ڪيو ويو. ٻئي طرف ڪراچي پوليس جي چيف غلام نبي ميمڻ جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي واقعو خودڪش ڌماڪو لڳي رهيو آهي جنهن ۾ برقعي پوش عورت ملوث ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته حتمي ڳالهه جاچ کان پوءِ سامهون اچي سگهندي. هوڏانهن يونيورسٽي اندر ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جا سي سي ٽي وي فٽيجز سامهون آهن، فٽيجز ۾ وين کي برقعو پهريل عورت ڀرسان گذرندي ڏسي سگهجي ٿو. سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ ڌماڪي وقت وين ڀرسان برقعو پهريل عورت نظر اچي رهي آهي، جيئن ئي وين عورت جي ڀرسان پهچي ڌماڪو ٿئي ٿو. ڊي آءِ جي ايسٽ مقدس حيدر موجب ڌماڪو هڪ لڳي 52 منٽن تي ٿيو، ڌماڪي ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا، 3 چيني شهري به اجل جو شڪار ٿيا آهن، جن ۾ 2 عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهي. ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جي چيني شهرين هانگ گوپنگ، ڊنگ موپينگ، چين سائي ۽ وين ڊرائيور خالد طور سڃاڻپ ٿي آهي، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي وقت وئن ۾ 8 کان 9 ڄڻا سوار هئا، وئن جي سيڪيورٽي لاءِ بيٺل 2 رينجرز اهلڪار به زخمي ٿي پيا. واقعي بعد سيڪيورٽي ادارن واقعي واري هنڌ کي ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڇڏي. چيو وڃي ٿو ته عورت بمبار امڪاني طور هڪ رڪشا ۾ سوار ٿي آئي هئي، ڳجهن ادارن رڪشا جو نمبر پليٽ نوٽ ڪري گاڏي جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button