سنڌ

وڏو وزير چيني قونصليٽ پهچي ويو،قونصل جنرل کي بريفنگ

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي يونيورسٽي ۾ وين ۾ ڌماڪي جو نوٽيس ورتو آهي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي فون ڪري ڌماڪي جا تفصيل ورتا، آءِ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڌماڪو ڪراچي يونيورسٽي جي وين ۾ ڪامرس ڊپارٽمينٽ جي ڀرسان ٿيو آهي. شروعاتي رپورٽ موجب 4 ماڻهو فوت ٿيا آهن. وڏي وزير جاني نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. هن ڪراچي جي ڪمشنر کان تفصيلي رپورٽ پڻ طلب ڪئي آهي. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چين جي قونصليٽ پهچي چين جي قونصل جنرل کي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيل ڌماڪي بابت بريف ڪيو. وڏي وزي ڌماڪي سبب ٽن چيني شهرين جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چين جي قونصل جنرل کي واقعي جي مڪمل طور تي تحقيقات جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڌماڪي ۾ ملوث ماڻهن کي پنهنجي انجام تائين پهچايو ويندو، هن چيو ته اسان چين جي ماهرن جي ملڪ ۽ صوبي ۾ خدمتن کي قدر جي نگاه سان ڏسون ٿا، ڪجهه سازشي عنصرن کي پاڪستان ۽ چين جي شراڪتداري پسند ناهي، ان قسم جي سوچ ۽ ڪرادارن کي لوهي هٿن سان منهن ڏنو ويندو، ڌماڪي جي فورن بعد وڏي وزير پاران فوري طور تي چين جي قونصليٽ پهچڻ تي قونصل جنرل سندس شڪريو ادا ڪيو. وڏي وزير قونصل جنرل کي ٻڌايو ته چيئرمين پي پي پي بلاول ڀٽو زرداري به واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير قونصل جنرل کي ٻڌايو ته وزير اعظم به فون ڪري واقعي جا تفصيل ورتا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button