سنڌ

لاڙڪاڻي اسڪول جي نائب قاصد جو بااثر مائٽن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي الھ آباد پاڙي جي رهواسي اسڪول جي نائب قاصد گهرڀاتين سان گڏجي بااثر مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عبدالوهاب چن مائٽن عبدالحميد چن، شاهزيب چن، راشد چن ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته 5 سال اڳ بااثر امداد چن جي ڌيءُ پارس گهران نڪري نوجوان اويس چن سان پرڻو ڪيو هو، جنهن ڄامشوري ۾ پارس جي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي مونکي ملوث ڄاڻايو، جيڪو ڪيس بعد ۾ عدالت ڪوڙو قرار ڏئي ختم ڪري ڇڏيو. هن وقت ٻيو ڀيرو بااثر امداد چن پنهنجي نياڻي پري چن جي اغوا جو ڪوڙو ڪيس مون سميت منهنجي ڀائرن مٿان داخل ڪرايو آهي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن چيو ته مان گورنمينٽ ملازم آهيان، امداد چن جي ڌيئرن جي اغوا واري معاملي ۾ ڪنهن به طرح ملوث نه آهيان، ان باوجود منهنجي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري تنگ ڪيو پيو وڃي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي صاف شفاف جاچ ڪرائي ناري پري چن جي اغوا ڪيس مان مون سميت ڀائرن جا نالا خارج ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button