سنڌ

رتوديرو ۾ مقتول نوجوان جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

رتوديرو جي سبزي مارڪيٽ ۾ هفتو اڳ قتل ٿيل ڳوٺ غلام حسين هڪڙو جي رهواسي جوڳي خان عمراڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مقتول جي وارثن پاڪ ڪتاب کڻي رتوديرو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مقتول جي امڙ حنيفان خاتون، جواڻ، محمد شريف، ظفر علي ۽ ماه گل خاتون عمراڻي دانهيندي چيو ته شھبيگ عمراڻي واري ڌر سان اسان جو زمين تي مسئلو ھو، جنهن جو فيصلو ٿي چڪو ھو جنهن ۾ اسان تي 32 لک ڏنڊ پيو ھو جيڪو اسان مخالف ڌر کي ادا به ڪري ڇڏيو هو. هنن چيو ته ان باوجود شھبيگ، جاويد، گدا حسين، مختيار، حاجي خان ۽ افضل عمراڻي ساٿين سان گڏجي ناحق جوڳي خان عمراڻي کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي. واقعي جي رتوديرو ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آھي پر هن مهل تائين پوليس خاموش بڻيل آهي. ھنن ايس ايس پي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او رتوديرو کي ھٽائي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button