سنڌ

ٺارو شاهه ڀرسان 5 گهرن کي باهه،2 مينهون ۽ ٻڪريون مري ويون

ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ دريا خان ڏهراج ۾ 5 گهرن کي باهه لڳي وئي، متاثرن ۾ سائين رکيو، سائينداد، سائين بخش، محمد اسماعيل، محمود مري ۽ ٻيا امل آهن. باهه سبب 2 مينھون ۽ ٻڪريون مري ويون. گھرن ۾ پيل الھه تلھه، سولر پليٽون ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. جڏھن ته متاثر کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن. تـ متاثرين سنڌ حڪومت سميت نوشھروفيروز ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته اسان جو سڀ ڪجهه سڙي رک ٿي ويو آھي. قيامت جهڙي گرمي ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آھيون. اسان جي مدد ڪري جھڳا ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button